ڀيرومل مهر چند جو ڪتاب

ڀيرومل مهر چند جو ڪتاب

ڀيرومل مهر چند جو ڪتاب

ڀيرومل مهر چند جو ڪتاب

ڀيرومل مهر چند

ڀيرومل مهر چند (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري ليکڪ هيري ٺڪر جو لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهي، جيڪو نامياري عالم ۽ اديب ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي جيون ڪٿا تي مشتمل آهي، هِن ڪتاب ۾ مُرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ سائين جي ايم سيد جا ليک به شامل آهن. ڪتاب کي مختلف ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ ڀيرو مل جي جيون جا مختلف پهلو اجاگر ڪيا ويا آهن. پهرئين ڀاڱي جو عنوان آهي ’ٻهڳڻو ساهتڪار‘؛ ٻيو ڀاڱو ’زندگي ۽ شخصيت‘؛ ٽيون ڀاڱو ’کوجنيڪ ۽ تاريخ نويس‘؛ چوٿون ڀاڱو ’لسانياتي ماهر‘؛ پنجون ڀاڱو ’مضمون نگار‘؛ ڇهون ڀاڱو ’ڪٿا ڪار‘؛ ستون ڀاڱو ’ناٽڪ ڪار‘؛ اٺون ’سچو سيلاني‘؛ نائون ’شاعر‘؛ ڏهون ’ترجمان‘ ۽ يارهيون ڀاڱو ’بحث ڪار‘ جي عنوان سان آهن.
هن ڪتاب ۾ ضميمو پڻ شامل ڪيل آهي، پهرئين ضميمي ۾ ڀيرو مل جي لکيل ڪتابن بابت احوال آهي، ٻئين ۾ حوالا ڄاڻايل آهن، ضميمي ٽئين ۾ مرليڌر جيٽلي جو مضمون ”ڀيرو مل: کوجنڪ جي روپ ۾“ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضميمي چوٿين ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم جو ڀيرو مل تي لکيل مضمون ۽ پنجون ضميمو سائين جي. ايم. سيد جي لکيل ”سرڳواسي ڀيرو مل“ مضمون جو آهي.
فيونڪس بوڪس، حيدرآباد پاران ظفر جوڻيجي، هي ڪتاب 2007ع ۾ شايع ڪرايو. ڪچي جلد سان، 126 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ساهتيه اڪادمي دهليءَ پاران شايع ٿيو هو.


لفظ ڀيرومل مهر چندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو